نواز شريف کي بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي اجازت ڏينداسين: شهباز گل

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو آهي ته نواز شريف کي بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي اجازت ڏني ويندي، سندس واپس لنڊن وڃڻ يا نه وڃڻ جو فيصلو عدالت ڪندي. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي شهباز گل چيو ته ميان نواز شريف کي عدالت روپوش قرار ڏنو ويو، جيڪڏهن ڏيهه واپس آيو ته کيس بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. هن چيو ته اپوزيشن اسان جي ڳالهه نه مڃي ۽ پشاور ۾ جلسو ڪيو، شرڪت نه ڪرڻ تي پشاور واسين جا ٿورائتا آهيون. شهباز گل وڌيڪ چيو ته گذريل هفتي عدالت اين سي او سي جي فيصلي کي عدالتي منٽس جو حصو بڻايو هو، حڪومت انهيءَ کانپوءِ ڪٿي به جلسو ناهي ڪيو، سڀني کي عدالتي فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔