ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات، مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو امڪان

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف مٿانهين علائقن ۾ موسم جهڙالو رهندو.

جڏهن ته اسلام آباد ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه هلڪي برسات جو به امڪان آهي. خيبرپختونخواهه جي علائقن پشاور مردان، ڪوهاٽ، بنون، ڊي آءِ خان، وزيرستان ۽ ڪرم ايجنسي ۾ برسات پئجي سگهي ٿي. جڏهن ته دير، چترال، مالاڪنڊ، مانسهره، ايبٽ آباد، ڪوهستان ۾ به برسات جو امڪان آهي.

خيبرپختونخواهه جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم خشڪ رهندو پر اتر بلوچستان ۾ موسم جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به موسم خشڪ رهندو پر سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ موسم جهڙالو رهندو.

پنجاب جي ضلعن ميانوالي، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ نارووال سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. ڪشمير ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.

مانسهره، گليات، ايوبيه، شوگران، ناران ۽ ڪاغان ۾ وقفي وقفي سان برفباري جو امڪان آهي. جڏهن ته ليپه وادي ۾ برسات کان پوءِ برفباري جو سلسلو جاري رهندو جيڪو 3 ڏينهن تائين جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔