ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

حيدرآباد: ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

اڄ کان 5 ڊسمبر تائين علائقا سيل رهندا. حيدرآباد جي علائقي بلديه، ڪالوني، مبارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني ۽ گلستان فاطمه ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو. ڪوهسار دامن، ايئرپورٽ روڊ، نسيم نگر، قاسم آباد ۽ ڀٽائي نگر جا علائقا به بند رهندا.

اسمارٽ لاڪ ڊائون جي دوران ميڊيڪل اسٽور، اسپتال مڪمل کليل رهندا. .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔