سنڌ جو وفاق کان بصر جي ايڪسپورٽ تان پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي: سنڌ حڪومت وفاق کان بصر پرڏيهه برآمد تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاق بصر جي برآمد تان پابندي ختم ڪري ۽ درآمد تي عارضي پابندي هڻي.
زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ان حوالي سان چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ بصر جي پيدوارا سنڌ ۾ آهي، وفاق ايڪسپورٽ تان فوري پابندي کڻي ۽ امپورٽ تي پابندي هڻي، سنڌ ۾ هن سال بمپر ڪراپ فصل جي اميد آهي ڇو ته سنڌ ۾ 56 هزار هيڪٽرز تي بصر جي پوک ڪئي وئي آهي.
صوبائي وزير چيو ته هن سال صوبي ۾ 7 لک 60 هزار ٽن بصر جي پيداوار جي اميد آهي جڏهن ته صوبي جي کپت 5 لک 63 هزار ٽن آهي، ان اعتبار سان هڪ لک 97 هزار ٽن بصر گهرج کان واڌو هوندا.
اسماعيل راهو چيو ته هلندڙ سيزن ۾ سڄي ملڪ ۾ 21 لک 12 هزار 894 ٽن بصرجي پيداوار جا امڪان آهن، وفاق جي غلط پاليسين سبب ملڪي زرعي معيشت تباهي جي تي آهي، وفاق هميشه اونڌا ڪم ڪيا آهن، جڏهن ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ته اميپورٽ ڪندا آهن ۽ جڏهن درآمد ڪرڻ جي ضرورت هئي ته خاموش تماشائي هئا.
زراعت واري وزير چيو ته وفاق ايران ۽ افغانستان مان بصر گهرائي رهيو آهي ۽ ايڪسپورٽ تان پابندي نه پيو کڻي، بصر امپورٽ ٿيڻ جي ڪري ملڪي آبادگارن کي ڳرو نقصان رسي رهيو آهي، پٽاٽا ايڪسپورٽ ٿي رهيا آهن ته بصرن تي پابندي ڇو آهي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔