اسڪواڊ نيوز لينڊ جي دوري لاءِ پرجوش آهي: بابراعظم

لاهور:پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته اسڪواڊ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ پرجوش آهي، ٽيم تي اعتماد آهي ته نيوز لينڊ ۾ ڪارڪردگي سٺي هوندي.
قومي اسڪواڊ 23 نومبر تي صبح جو نيوزي لينڊ لاءِ رواني ٿيندي، اسڪواڊ 35 رانديگر ۽ 20 آفيشلز تي ٻڌل آهي، اسڪواڊ ۾ پاڪستان شاهينز جا رانديگر ۽ آفيشلز به شامل آهن.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٽيم بيڪ ٽو بيڪ سيريز کيڏندي رهي آهي، انگلينڊ کانپوءِ زمبابوي جي خلاف سيريز ۽ پوءِ پاڪستان سپر ليگ جي ميچ کيڏيا، ان ڪري رانديگرن تي اعتماد آهي ته نيوزي لينڊ ۾ سٺو کيڏندي ۽ ان جي لاءِ پرجوش آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔