وينا مونکي گُم ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي: اسد خٽڪ

ڪراچي:پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ دعويٰ ڪئي آهي ته وينا کيس گم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
وينا جي اڳوڻي مڙس دعويٰ ڪئي آهي ته دبئي ۾ منهنجي ٻارن سان نامعلوم ماڻهو رهندا هئا ۽ منهنجي ٻارن کي غيرقانوني طور تي پاڪستان ڪيئن موڪليو ويو، جلد پنڊوراباڪس کوليندس.
ياد رهي ته اداڪاره وينا ملڪ ۽ سندس اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ ۾ ٻارن سان ملاقات جي حوالي سان لفظي جنگ هلي رهي آهي ۽ گذريل ڏينهن به اسد خٽڪ پنهنجي ٽوئيٽس ۾ اداڪاره تي الزام هنيا هئا.
اسد اداڪاره وينا جي مبينا آڊيو ڪال جي ريڪارڊنگ به ٽوئيٽ ڪئي هئي جنهن ۾ هوءَ سنگين قسم جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔