بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان قرنطينه ۾ هليو ويو

ممبئي:بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي ڊرائيور ۽ ٻئي اسٽاف جو ڪورونا وائرس ٽيسٽ مثبت آيو جنهن کانپوءِ دبنگ اسٽار پاڻ کي قرطينه ڪري ڇڏيو.
پنڪ ولا موجب ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيندڙ سلمان خان جي ڊرائيور اشوڪ ۽ 2 اسٽاف ميمبر ممبئي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڊرائيور ۽ ٻن ميمبرن ۾ ڪورونا جي تصديا ٿيڻ بعد سلمان خان والدين سليم ۽ سلميٰ خان جي شادي واري سالگرهه تقريب به ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
سلمان خان پاران پاڻ کي قرنطينه ڪرڻ بعد سندس مداحن طرفان سوال پئي ڪيا ويا ته هن وقت تائين بگ باس 14 جي ويڪ اينڊ ايپي سوڊ جي ميزباني ڪير ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔