ڪراچي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ موسمي بخار جي ڪيسن ۾ واڌ

ڪراچي: شهر ۾ ڊينگي، موسمي بخار ۽ مليريا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي وئي.
سينيئر ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز ڊاڪٽر سلميٰ ڪوثر جو چوڻ آهي ته ڊينگي، فلو، مليريا ۽ ڊينگي جي هاءِ سيزن آهي، ڪورونا، ڊينگي، مليريا ۽ موسمي بخار ۾ ٽيسٽ ڪرائڻ نهايت ضروري آهي جڏهن ته سمورين بيمارين جي علامتن ۾ جسم ۾ سور، اکين ۾ سوڄ ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي شامل آهي.
سينيئر ڊائريڪٽر جو چوڻ حو ته هر بخار ڊينگي يا ڪورونا ناهي هوندو ان جي سڃاڻپ ضروري آهي، ڪورونا ۽ موسمي فلو کان بچاءِ لاءِ ماسڪ لازمي پهريو جڏهن ته ڊينگي ۽ مليريا جي مڇر کان بچاءَ لاءِ سج لهڻ ۽ اڀرڻ وقت جسم کي مڪمل ڍَڪي رکو، گهر، گهٽي ۽ پاڙي ۾ پاڻي بيهڻ نه ڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔