افغان امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد:افغانستان جي دوري بابت بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل بابت دوحا ۾ ڳالهيون هلي رهيو آهن ۽ امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پاران ڪابل جي دوري جو مقصد ان پيغام جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پاڪستان ان ۾ پنهنجي پوري مدد ڪندو.

هن چيو ته ڪابل جي دوري جو مقصد پاڪ افغان ٻه طرفن لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ آهي، ٻه طرفي اقتصادي سهڪار وڌائڻ تي افعان قيادت سان اهم ويهڪون ٿيون.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان وزيراعظم جي دوري لاءِ انتظار ۾ هو، وزيراعظم عمران خان افغان صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔