ثنا ۽ نيلم منير گڏ ٽي وي ڊرامي ۾ نظر اينديون

ڪراچي (رپورٽ: جبرن سرفراز) پاڪستان جي ڪيترين ئي فلمن ۾ هيروئن جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره ثنا فخر ۽ نيلم منير پهريون ڀيرو ٽي وي اسڪرين تي گڏ نظر اينديون .

ٻئي سپر اسٽارز ان کان اڳ هدايتڪار ياسر نواز جي سپرهٽ فلم رانگ نمبر 2 ۾ گڏجي شاندار پرفامنس جو مظاهرو ڪري چڪيون آهن .

ڊراما ڏسندڙن پنهنجون دليون قابو ڪن ڇو ته هاڻي اهي ٻئي اداڪارائون سيونٿ اسڪاءِ جي ڊرامي قيامت ۾ نئين نسل جي اسٽار احسن خان سان گڏ نظر اينديون .

اداڪاره ثنا جو چوڻ آهي ته رانگ نمبر 2 کانپوءِ هڪ ڀيرو وري نيلم منير سان اسڪرين شيئر ڪندي سٺو لڳو . قيامت جو ڊائريڪٽر علي فيضان آهي ۽ ان جو پروديوسر سيونٿ اسڪاءِ جو عبدالله ڪادواني آهي، هن ڊرامي ۾ منهنجو ۽ نيلم جو ڪردار دلچسپ آهي اميد آهي ته اسان ڏسندڙن جون دليون کٽي وٺنداسين.

ثنا ٻڌايو ته فلم وانگر ڊرامن ۾ ڪم ڪري گهڻو ئي انجواءِ ڪري رهي آهيان ، مون پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ گهڻو وقت گذاريو آهي ، منهنجي خواهش آهي ته هڪ ڀيرو وري فلم انڊسٽري کي عروج ملي ۽ سينما گهرن جون رونقون بحال ٿين .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔