گلگت جي عوام ن ليگ جو موقف رد ڪري ڇڏيو: شبلي فراز

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته گلگت جي عوام ن ليگ جو موقف رد ڪري وزيراعظم عمران خان جي نظريي جي صداقت تي ٺپو هنيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شبلي فراز هڪ ڀيرو ٻيهر نواز ليگ کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. وفاقي وزير چيو ته گلگت جي عوام وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. شبلي فراز چيو ته گلگت بلتستان جي عوام نواز ليگ جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي نظريي جي صداقت تي ٺپو هنيو آهي…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔