ايل اين جي ريفرنس ،شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي: ايل اين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، احتساب عدالت راولپنڊي جي جج اعظم خان شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او تي فرد جرم لاڳو ڪيو، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، شاهد خاقان عباسي کي فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ڪورٽ مان وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، احتساب عدالت جوابدارن آغا جان اختر ۽ عظميٰ عادل تي به فرد جرم لاڳو ڪيو، جڏهن ته ٻنهي به ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، عدالت جوابدار حسين دائود ۽ عبدالصمد دائود تي وڊيو لنڪ جي ذريعي فرد جرم لاڳو، ٻنهي جي طرفان علي ظفر ايڊووڪيٽ احتساب عدالت ۾ موجود هو، انهن ٻنهي به ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔