گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو

گلگت: گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو، ٻن اڳوڻن وڏن وزيرن سميت وڏا وڏا سياسي کلاڙي چونڊ دنگل ۾ هارائي ويا. گلگت بلتستان جي قانونساز اسيمبلي جي 23 تڪن تي ٿيل چونڊ جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچي ويا. حڪمران جماعت پي ٽي آءِ 10 سيٽون حاصل ڪري سرفهرست ٿي وئي، 7 سيٽن تي آزاد اميدوارن به ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. چونڊ مهم دوران ڏينهن رات هڪ ڪندڙ بلاول ڀٽو زرداري جي پيپلز پارٽي 3 ۽ نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پارٽي 2 سيٽون حاصل ڪري سگهي. حڪومتي اتحادي ايم ڊبليو ايم هڪ سيٽ تي ڪامياب حاصل ڪئي، گلگت ٽو تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪامياب اميدوار جميل احمد کي شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، جتي پي ٽي آءِ جي هارايل اميدوار فتح الله خان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. پ پ اميدوار جميل احمد نتيجا تبديل ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته آر او آفيس ۾ نتيجا تبديل ڪيا ويا، پي ٽي آءِ کي چوري هضم ٿيڻ نه ڏني ويندي. گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جا ٻئي اڳوڻا وڏا وزير هارائي ويا. جـِي بي اي 7 اسڪردو تي پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد مهدي شاهه کي پي ٽي آءِ جي راجا محمد ذڪريه شڪست ڏئي ڇڏي. جي بي اَي 2 تي ن ليگ سان واسطو رکندڙ اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان هارائي ويو، پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندڙ 4 اميدوار به سيٽون کٽي ويا………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔