نيو يارڪ: زخم، فالج يا ڪنهن حادثي کانپوءِ مريضن کي کاڌو ڳڙڪائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي ۽ هاڻي ماهرن ان جو به حل ڪڍي ورتو آهي. هن عمل ۾ نڙيءَ ۾ بجلي جا هلڪا جهٽڪا ڏنا وڃن ٿا جنهن سبب مريض کي کاڌو کائڻ ۾ بهتري محسوس ٿئيٿي. هي اوزار اثرائتو آهي جنهن کي برطانوي ڪمپني في جينيسس تيار ڪيو آهي. اوزار کي فيجينڪس جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو کاڌو ڳڙڪائڻ ۾ تڪليف جي شڪايت ڪندڙ مريضن لاءِ ٺاهيو ويو آهي.