پيٽرول پوڻا 2 رپيا سستو ٿي ويو..

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 100 رپيا 69 پئسا في ليٽر هوندي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت هڪ رپيو 79 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ 101 رپيا 43 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گاسليٽ جي قيمت 65 رپيا 29 پئسا في ليٽر، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت 62 رپيا 86 پئسا في ليٽر برقرار رهندي.
پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿي ويندا ۽ اها تبديلي ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔