آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو فيصلو عارضي طور ملتوي

واشنگٽن : آمريڪي حڪومت طرفان چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي فيصلي کي عارضي طور تي ملتوي ڪري ڇڏيو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ کي آمريڪا ۾ بند ڪرڻ يا پنهنجا شيئرز وڪڻڻ جو چيو هو ۽ هاڻ ان تاريخ ۾ واڌ ڪري ٽڪ ٽاڪ کي وڌيڪ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام لڳايو هو ته چين ٽڪ ٽاڪ ذريعي جاسوسي ڪري سگھي ٿو جڏهن ته نومبر 2019ع ۾ آمريڪا جاسوسي جي خطري کي نظر ۾ رکندي فوجين کي ٽڪ ٽاڪ جي استعمال کان روڪي ڇڏيو هو.
چيني ٽيڪنالوجي ڪمپني ”بائٽ ڊانس“ جنهن جو بنياد 2012ع ۾ رکيو ويو هو، مشهور ترين ايپ ٽڪ ٽاڪ جي مالڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔