پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جو ناليوارو هدايتڪار اقبال ڪاشميري لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور : پاڪستاني فلم انڊسٽري جي سينيئر ڊائريڪٽر ۽ ناليوارو فلم ساز اقبال ڪاشميري لاڏاڻو ڪري ويو.
خانداني ذريعن موجب اقبال ڪاشميري گڙدن جي عارضي ۾ ورتل هو ۽ گذريل هڪ هفتي کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
گهر ڀاتين جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن اقبال ڪاشميري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي هئي.
اقبال ڪاشميري سوڳوارن ۾ 4 ڌيئرون ۽ 2 پٽ ڇڏيا آهن.
سندس هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ مشهور فلمن ۾ ”بليڪ وارنٽ، رنگيلي جاسوس ۽ سستا خون مهنگا پاني“ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔