منهنجي پيدائش تي ماءُ خوش نه هئي: اقرار عزيز

اداڪارا اقرا عزيز جي زندگي بابت ڪجهه دلچسپ حقيقتون آهن جيڪي شايد تمام گھٽ ماڻهن کي خبر هجن.
اقرار عزيز پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ماڊلنگ ۽ اشتهارن م ڪم ڪري ڪئي هئي. هن 2014ڳ ۾ دراما سيريل ”ڪسي ڪهين اپنا“ جي ذريعي ڊرامن ۾ اداڪاري جي شروعات ڪئي. ان سندس عمر 17 ورهيه هئي.
هڪ انٽرويو دوران اقرار عزيز چيو ته هن جي زندگي ۾ مالي ڏکيايون به آيون پر هن جي ماءُ فخر سان پنهنجي خاندان لاءِ جدوجهد ڪئي. هڪ ٻئي انٽرويو ۾ اقرار عزيز انڪشاف ڪندي چيو ته مان اهو نٿي چوان ته منهنجي ماءُ جي سوچ غلط هئي پر هر ماءُ جيان منهنجي ماءُ به هڪ پٽ ۽ نياڻي چاهي پئي ته جيئن خاندان مڪمل ٿي وڃي.
جيتوڻيڪ منهنجي وڏي ڀيڻ سدره جي پيدائش ٿي چڪي هئي تنهنڪري جڏهن آئون پيدا ٿيڻ واري هيس ته منهنجي ماءُ جي خواهش هئي ته کيس پٽ ٿئي پر منهنجي ڄمڻ تي هوءَ مايوس ٿي هئي ۽ خوش نه هئي.
اقرار عزيز اهو به ٻڌايو ته سندس وماءُ کيس ٻڌائيندي آهي ته جڏهن آئون ڄاوس ته منهنجي ڄنگھه ڪڪڙ جي ٽنگ جي برابر هئي. پر هاڻ منهنجي ماءُ مون سان گھڻي محبت ڪندي آهي ايتري تائين جو منهنجي وڏي ڀيڻ کان به وڌيڪ ۽ هر معاملي ۾ مون کي سپورٽ ڪندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔