ايران ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ رڪارڊ واڌ

تهران: ايران ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا رڪارڊ ساڍا 12 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن.
اهو ڪورونا وبا سامهون اچڻ کانپوءِ ايران ۾ هيل تائين هڪ ڏينهن اندر سامهون ايندڙ سڀ کان وڏو انگ آهي.
ايران جي صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سامهون ايندڙ نون ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو ڪُل انگ 7 لک 62 هزارن کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 41 هزار 5 سئو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔