سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو

ڪراچي : وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جمعي جي ڏينهن بخار ٿيڻ بعد ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي هئي، جيڪا پازيٽو آئي آهي، ڊاڪٽرز جي هدايت تي پاڻ کي آئسوليٽ ڪيو آهي، طبيعت بهتر آهي، عوام کي اپيل آهي ته احتياط ڪن، ايس او پيز تي عمل ڪن، منهنجي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔