ڪوئٽا ۽ ڀرپاسي زلزلي جا شديد جھٽڪا

ڪوئٽا: ڪوئٽا ۽ ڀرپاسي زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي جا شديد جهٽڪا صبح جو 7 لڳي 57 منٽ تي محسوس ڪيا ويا، زلزلي سان شديد خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو ۽ شهري گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.

زلزلي جي پيماني مرڪز موجب پشين، هرنائي ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت 5.4 ريڪارڊ ڪئي وئي.

زلزلي پيماني مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز ڪوئٽا کان 38 ڪلوميٽر زمين جو تهه هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ فوري طور ڪنهن جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔