ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ، هڪ شهري شهيد، 3 زخمي

راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شهري شهيد ۽ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر مطابق ڀارتي فوج رک چڪري ۽ خنجار سيڪٽرن ۾ مارٽرن گولن ۽ راڪيٽن سان شهري آبادي کي نشانو بڻايو..آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي چوڪين کي نشانو بڻايو ۽ دشمن کي نقصان پهچايو.آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڀارتي فوج تري بند ۽ سماهني ڳوٺ جي آبادي کي راڪيٽ ۽ مارٽرن گولن سان نشانو بڻايو.آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪ فوج جي ڀرپور ڪارروائي سبب دشمن جو بندوقون خاموش ٿي ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔