گلگت بلتستان ۾ حڪومت پي ٽي آءِ ٺاهيندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ حڪومت پي ٽي آءِ ٺاهيندي، مريم نواز پنهنجي بيان تي سموري حياتي پڇتائيندي، ن ليگ واپس زيرو پوائنٽ ڏانهن وڃي رهي آهي، جلد ن ليگ چوندي ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ن ليگ جي اڳواڻن جا ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ بيان ايندا،گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مخالفن کي ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا.هن چيو ته پ پ ، ن ليگ کان بهتر کيڏي رهي آهي،پ پ ڪراچي ۾ نوازشريف کي خطاب ڪرڻ نه ڏنو.وفاقي وزير چيو ته گلگت جي چونڊن کانپوءِ ن ليگ کي ڌچڪو لڳندو. هن چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز جي بيان سان حڪومت کي هٿي ملي آهي،ن ليگ جا اهي ئي اڳواڻ سرگرم آهن،جن خلاف ڪيس داخل آهن.هڪ سوال تي شيخ رشيد چيو ته ن ليگ جا پنهنجا ميمبر شريفن جي بيانئي سان گڏ هلي نه رهيا آهن،ن ليگ جي اندران دٻاءَ وڌي رهيو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي واري معاملي جي جاچ تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔