سنٿيا رچي ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بينچ کان الڳ ٿي ويو

اسلام آباد: سنٿيا رچي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله بينچ کان الڳ ٿي ويو. چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪندي چيو ته اڳوڻو گهرو وزير رحمان ملڪ چاهي ٿو ته هي ڪيس ٻي بينچ ٻڌي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بينچ تبديل ڪرڻ واري رحمان ملڪ جي درخواست منظور ڪري ورتي. چيف جسٽس ڄاڻايو ته جسٽس عامر فاروق آئينده ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. واضح رهي ته رحمان ملڪ پنهنجي وڪيل جي ذريعي درخواست داخل ڪئي ته سنٿيا رچي مٿس ڪوڙا الزام مڙهي رهي آهي ۽ هوءَ ملڪ ۾ غير قانوني طور تي رهي پئي،انڪري کيس ملڪ بدر ڪيو وڃي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔