گلگت ۾ جعلي پوسٽل بيلٽ پيپرز جاري ٿيڻ ڌانڌلي جو ٻيو ثبوت آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي تي احتجاج ڪندي اليڪشن ڪميشن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبوڪري ورتو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ جعلي پوسٽل بيلٽ پيپرز جاري ٿيڻ ڌانڌلي جو هڪ ٻيو ثبوت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن 15 نومبر تي ووٽ چوري ٿيو ته ان جا نتيجا تمام گهڻا خطرناڪ هوندا. مريم اورنگزيب چيو ته سرڪاري ملازمن جو تعداد 700 آهي، پر 1791 پوسٽل بيلٽ پيپرز جاري ڪيا ويا، ان کي ڌانڌلي ۽ ووٽ چوري چئبو آهي. هن چيو ته سرڪاري ملازمن کان حق کسيندڙ حڪومت هاڻ انهن کان ووٽ جو حق به کسي رهي آهي،پاڪستان جي مفادن جي گهرج آهي ته گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي نه ڪئي وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته جعلي حڪمران قومي مفادن کي پنهنجي گندي سياست جي ور چاڙهڻ چاهين ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔