پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ مٿان حملي وارو ڪيس: جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان، شفقت محمود، اسد عمر، پرويز خٽڪ، اعجاز چوڌري طرفان بريت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. عدالت درخواستن تي 2 ڊسمبر تي جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عليم خان طرفان 2 وڪيلن ڌار ڌار بريت جون درخواستون داخل ڪرايون. عليم خان جي وڪالت ڪرڻ لاءِ انتظار حسين ايڊووڪيٽ ۽ عبدالله بابر جي پاڻ ۾ بحث به ٿي.

عدالت ٻنهي وڪيلن کي پاڻ ۾ فيصلو ڪري آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت حڪم ڏنو ته عليم خان ايندڙ ٻڌڻي تي اچي ٻڌائي ته ان جو وڪيل ڪير آهي.؟ ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت وزيراعظم  عمران خان کي پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو هو.

عدالتي فيصلي موجب صدر عارف علوي کي صدارتي ڇوٽ سبب ان جي حد تائين ڪيس آفيس ۾ داخل رهندو. عدالت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ اسد عمر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو.

صوبائي وزير عليم خان، شوڪت يوسفزئي ۽ جهانگير ترين کي به ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو. پاڪستاني عوامي تحريڪ جي ميمبر مبشر علي کي به ڪيس مان بري ڪيو ويو جڏهن ته طاهرالقادري کي به لاڳيتو اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔