اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرز جي اثاثن جا به تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪراچي : اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرز جي اثاثن جا به تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا، وڏو وزير مراد علي شاهه 26 ڪروڙ 3 لک رُپين جي ملڪيت جو مالڪ ظاهر، پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ فردوس شميم نقوي سنڌ جا امير ترين ايم پي ايز نڪتا، اثاثن ۾ فريال ٽالپر جي 39 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ ملڪيت ظاهر، فردوس شميم نقوي 33 ڪروڙ 40 لک رُپين جي ملڪيت جو مالڪ نڪتو، اسپيڪر آغا سراج دُراني جا 10 ڪروڙ 20 لک رُپين جا اثاثا ظاهر، صوبائي وزير ناصر شاهه 13 ڪروڙ، سهيل انور سيال 9 ڪروڙ 80 لک، سعيد غني 2 ڪروڙ 31 لک ۽ حليم عادل شيخ سڀ کان گهٽ 2 ڪروڙ رُپين جي ملڪيت جو مالڪ قرار ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔