سنڌ حڪومت ڪڻڪ بحران بابت وفاقي وزيرن جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي : آءِ جي سنڌ معاملي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي رپورٽ پڌري ٿيڻ گهرجي، وزارتي ڪميٽي 22 نومبر تي وڏي وزير آڏو پيش ڪندي، رپورٽ پڌري ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو وڏو وزير ئي ڪندو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه سي سي آءِ جي اجلاس ۾ آدم شماري تي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت اوگرا ۽ نيپرا ترميمي بلز تي سنڌ جا خدشا ختم نه ڪري سگهي، تنهن ڪري اُن معاملي تان پوئتي هٽي وئي، آئين موجب ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي اُن تي بحث ڪرڻ جو اختيار ئي نه آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب ڪڻڪ بحران بابت وفاقي وزيرن جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، ڪشمور واقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به وحشي معصوم ٻارن کي وحشت جو نشانو نه بڻائي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔