سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظام هيٺ گڏيل چٽا ڀيٽي جو امتحان شروع

حيدرآباد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظام هيٺ گڏيل چٽا ڀيٽي جو امتحان هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرارن ۽ ايڊيشنل رجسٽرارن جي نگراني هيٺ شروع ٿي ويا آهن.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل چٽا ڀيٽي جي امتحان لاءِ مجموعي طور 6 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جن مان حيدرآباد ۾ 3، ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ هڪ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.

گڏيل چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ 2 هزار 81 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. اهي امتحان 25 نومبر تائين جاري رهندا. حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هيڊ آفيس گورنمينٽ زبيده گرلز ڪاليج ۽ گورنمينٽ گرلز ماڊل هاءِ اسڪول جي او آر ڪالوني ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس نزد پي آءِ ڊي سي بلڊنگ، سکر ۾ گورنمينٽ ڊگري گرلز ڪاليج منارا روڊ ۽ لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ سينٽر قائم ٿيل آهن.

گڏيل چٽا ڀيٽي جي امتحان جي ڪري حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن جڏهن ته حيدرآباد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي ايڊيشنل رجسٽرار جي سربراهي ۾ مختلف ٽيمن گڏيل چٽا ڀيٽي جي امتحان جو جائزو پڻ ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔