اين سي او سي پاران ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز سبب مزارن ، سينما گهرن ۽ ٿيٽرز کي فوري بند ۽ ٿڌ جون موڪلون اڳواٽ ڏيڻ جي تجويز

اسلام آباد: اين سي او سي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسز سبب مزارن ، سينما گهرن ۽ ٿيٽرن کي فوري بند ۽ ٿڌ جون موڪلون اڳواٽ ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي .

وفاقي وزيراسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽرڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي تجويز ڏيندي وڏن عوامي ميڙن تي پابندي جي سفارش ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ چيو ويو ته بيماري ۾ 3 ڀيرا واڌ ٿي آهي ان ڪري خطري واري علائقن ۾ پابنديون وڌايون وڃن .

اين سي او سي موجب تعليمي ادارن ۾ ڪيسز وڌي رهيا آهن جن کي روڪڻ جي ضرورت آهي ، اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۾ ٿڌ جون موڪلون اڳواٽ ڪرڻ جي به تجويز پيش ڪئي وئي.ان سلسلي ۾ 16 نومبر تي وفاقي تعليم وارو وزير اين سي او سي ۾ صوبائي تعليم واري وزيرن سان ملاقات ڪندو، بحث مباحثي کانپوءِ سفارشون انهن سان شيئر ڪيون وينديون.

اين سي او سي شادي جي تقريبن بابت رهنما اصول به جاري ڪيا آهن جن موجب 20 نومبرکان رڳو 500 ماڻهن جي وڌ ۾ وڌ ٻاهرين شادين جي اجازت هوندي جڏهن ته 500 کان وڌيڪ سياسي ، ثقافتي ،مذهبي ، تفريحي ۽ سول سوسائٽي جي ميڙن تي پابندي جي سفارش ڪئي وئي .

مسجدن ۾ ايس او پيز هيٺ عمل ڪرڻ ۽ مزارن، سينما گهرن ۽ ٿيٽرز کي فوري طور تي بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي  وئي ۽ بازارن کي به جلدي بند ڪرڻ ۽ خاص ڏهاڙن تي کولڻ جي به تجويز ڏني وئي ، ان تي حتمي فيصلا قومي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيا ويندا

ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته زندگيون بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔