هي سال ختم ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ جي حڪومت هلي ويندي،: مريم نواز

نگر خاص: هي سال ختم ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ جي حڪومت هلي ويندي، جيڪا حڪومت وڃڻ واري هجي، ڇا گلگت جو عوام اُن کي ووٽ ڏئي پنهنجو ووٽ ضايع ڪندو؟ نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو گلگت بلتستان جي علائقي نگر خاص ۾ چونڊ جلسي کي خطاب، مريم نواز چيو آهي ته جنهن ماڻهو کي خبر ئي ناهي ته سندس حڪومت ۽ گهر جو خرچ ڪير پيو هلائي، اُن کي عوامي تڪليفن جو ڪهڙو احساس هوندو، زوري مڙهيل وزيراعظم مسئلا حل ڪرڻ بدران چئي رهيو آهي ته اپوزيشن پارٽيز مهانگائي جون ذميوار آهن، عوام جهولي جهلي عمران خان کي پِٽون ۽ پاراتا ڏئي رهيو آهي، نواز شريف بهادرن وانگر هر ظلم پنهنجي سيني تي برداشت ڪيو آهي، جيڪڏهن نواز شريف جي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها ته ايئن ڄمي بيهي نه سگهي ها، عمران خان صرف ڪرسي تي ويٺو آهي، حڪومت ڪوئي ٻيو هلائي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔