ڪرپشن ثابت ٿي ته سرعام ڦاهي چڙهي وينديس: ميرا

لاهور: فلم اسٽار ميرا چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي ڪرپشن جو الزام ثابت ٿي ويو ته سرعام ڦاهي چڙهي وينديس.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اداڪارا ميرا پاڻ تي لڳل الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته دبئي ۾ ولاز منهنجي نالي تي آهن ته پوءِ مان ڪرپشن ڇو ڪنديس؟
سندس موجب مان سڀني ايجنسين کي چوان ٿي ته منهنجو احتساب ڪن، ڇو ته مان ڄاڻان ٿي ته سچي، باڪردار ۽ پاڪ دامن آهيان.
واضح رهي ته ڪوريو گرافر لاڊا الزام هڻندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون دوران اداڪارا ميرا غريبن جي نالي تي مبينا طور لکين رپين جو فراڊ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔