افغان طالبان جو نئين چونڊيل آمريڪي صدر لاءِ اهم پيغام

ڪابل: جو بائيڊن جي نئين آمريڪي صدر طور چونڊ کانپوءِ افغان طالبان جو ردعمل به سامهون اچي ويو.
افغان طالبان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر جو بائيڊن دوحا ۾ هن سال طئي ٿيندڙ ڊيل جي شرطن تي عمل ڪري.
ان بيان ۾ طالبان جو زور افغانستان مان آمريڪي فوج مئي تائين مڪمل طور نڪرڻ جي حوالي سان آهي.
جيتوڻيڪ افغان طالبان اڄڪلهه ڪابل حڪومت سان ڳالهين جي عمل ۾ شامل آهن پر اتي تشدد جي تازي لهر به جاري آهي.
واضح رهي ته هلندڙ سال 29 فيبروري تي دوحا ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڊيل طئي ٿي هئي، جنهن ۾ آمريڪا مئي تائين سمورا فوجي دستا ڪڍڻ ۽ طالبان پرتشدد ڪارروائين جي خاتمي جي خاطري ڪرائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔