ٽڪ ٽاڪ ڇهون ڀيرو سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ ايپ بڻجي وئي

لپ سنکنگ جي مشهور چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ لاڳيتو 6 هون ڀيرو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڊائولوڊ ڪئي ويندڙ نان گيمنگ ايپ بڻجي وئي.
آمريڪا ۽ ڀارت ۾ پابندين جي باوجود به چيني ٽڪ ٽاڪ جي مقبوليت ۾ واڌ نه بيهجي سگھي.
موبائل ايپ جي درجابندي ڪندڙ ڪمپني سينسير ٽاور جي تازي رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ هلندڙ سال مئي ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ ايپ بڻجڻ کانپوءِ هاڻ لاڳيتو 6 هون ڀيرو به دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڊائولوڊ ڪئي ويندڙ ايپ بڻجي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔