اظهر علي فارغ، بابر اعظم نئون ٽيسٽ ڪپتان مقرر

لاهور: قومي ڪرڪيٽر اظهر علي کي ٽيسٽ ڪپتاني تان هٽائيندي بابر اعظم کي قومي ٽيسٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هو ٽنهي فارميٽن ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته چيئرمين احسان ماني اظهر علي سان ملاقات کانپوءِ بابر اعظم کي ڪپتان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.
بابر اعظم جو ڪپتان طور پهريون امتحان آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ شامل نيوزيلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز هوندي، ٻنهي ٽيمن ۾ ٽيسٽ سيريز جي شروعات 26 ڊسمبر کان ٿيندي.
واضح رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اظهر علي کان ٽيسٽ ڪپتاني واپس وٺڻ جي حوالي سان خبرون اچي رهيون هيون ۽ اهو به چيو پئي ويو ته سندس جاءِ تي شان مسعود يا محمد رضوان کي ٽيسٽ ڪپتان مقرر ڪيو ويندو.
واضح رهي ته پي سي بي 18 آڪٽوبر 2019 ۾ سرفراز احمد جي جاءِ تي اظهر علي کي ٽيسٽ ڪپتان، جڏهن ته بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
اظهر علي آخري ڀيرو انگلينڊ جي دوري ۾ قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔