ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو فعال نه ٿيڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلويز کي شوڪاز نوٽيسز جاري

اسلام آباد : ضرورت پئي ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي به طلب ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو فعال نه ٿيڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلويز کي شوڪاز نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، ٻنهي سيڪريٽريز کي سبب ٻڌائڻ لاءِ ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم، ڊي جي ايف ڊبليو او کي به ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جو حڪم، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪي سي آر کي فعال ڪرڻ لاءِ عدالتي حڪمن تي عمل ڇو نه ٿيو؟ ڳالهه رڳو اتي محدود نه رهندي، سڀني کي گهرائينداسين، ضرورت پئي ته وزيراعظم کي گهرائينداسين ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي به طلب ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔