ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 23ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، فوتين جو انگ 7 هزار ٿي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا  وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 20 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب حياتيون وڃائي ويٺا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا هڪ هزار 637 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 46 هزار 476 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 20 هزار 045 ٿي ويو آهي.

جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 19 هزار 431 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ گڏيل فوتين جو انگ 7000 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 50 هزار 34،  پنجاب ۾ هڪ لک 7 هزار 329، خيبرپختونخواهه 40 هزار 643، اسلام آباد ۾ 22 هزار 110، بلوچستان ۾ 16 هزار 152، آزاد ڪشمير 4 هزار 830 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 378 انگ ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔