لاهور۽ ملتان جي مختلف علائقن ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ کان پوءِ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

لاهور: عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ لاهور ۽ ملتان جي مختلف علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو.

رپورٽ موجب لاهور جي 11 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جنهن موجب نيومسلم ٽائون بلاڪ، علامه اقبال ٽائون، رضا بلاڪ، سڪندر بلاڪ ۽ عمر بلاڪ ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه گارڊن ٽائون، ڪيوٽري گرائونڊ، ڊي ايڇ اي فيز ون، ايڇ بي ايف سي بلاڪ، بي ڊي ايڇ اي فيز 6 ۽ عسڪري 11 ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. انارڪلي، مزنگ، شادمان ۽ گلشن راوي جي علائقن ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

اسمارٽ لاڪ ڊائون جي دوران فارميسي ميڊيڪل اسٽورز، ليبارٽريون، اسپتال ۽ ڪلينڪس 24 لاڪ کليل رهنديون. جڏهن ته جنرل اسٽور، ڀاڄي جون دڪانون، تندور ۽ پيٽرول پمپس صبح 9 وڳي کان شام 7 وڳي تائين کليل رهندا. ملتان جي به 5 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ملتان جي نقش بند ڪالوني، گلگت ڪالوني، کهيڙا آباد، ميپڪو ڪالوني، خواجه آباد، ڪچهري روڊ ۽ سادات ڪالوني ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

اسمارٽ لاڪ ڊائون جي دوران فارميسي، ميڊيڪل اسٽور، ليبارٽريون، اسپتال ۽ ڪلينڪس 24 ڪلاڪ کليل رهندا. جڏهن ته جنرل اسٽور، ڀاڄي جون دڪانون، تندور ۽ پيٽرول پمپ صبح جو 9 وڳي کان شام 7 وڳي تائين کليل رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔