ڏند صاف ڪرڻ وقت سڄو برش عورت جي پيٽ ۾ هليو ويو

رياض: سعودي عرب سان تعلق رکندڙ عورت جي پيٽ ۾ ڏند صاف ڪرڻ وقت ٽوٿ برش هليو ويو جنهن کي ڊاڪٽرن آپريشن ڪري ٻاهر ڪڍيو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب 20 ساله سعودي عورت پنهنجا ڏند صاف ڪري رهي هئي ته اوچتو ان جو ٽوٿ برش ڪاڪڙي ۾ ڦاسي ويو.عورت موجب جڏهن مون پنهنجي ڪاڪڙي مان ٽوٿ برش کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ترڪي پيٽ ۾ هليو ويو جنهن کان پوءِ مذڪوره عورت کي مڪي جي النور اسپتال منتقل ڪيو ويو.النور اسپتال پهچڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم عورت جو ايڪسري ۽ سي ٽي اسڪين ڪيو جنهن کان پوءِ عورت جو فوري طور تي آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عورت جي پيٽ مان 20 منٽن جي اندر ٽوٿ برش ڪڍيو ويو ۽ هاڻ ان جي حياتي کي ڪوبه خطرو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔