پي ايس ايل ميچون: مڙس جي حوصلا افزائي لاءِ ثانيا مرزا ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي: ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ڪراچي پهچي وئي.
ثانيا مرزا پاڪستان سپر ليگ 2020 جي رهيل ميچن ۾ پنهنجي مڙس شعيب ملڪ جي حوصلا افزائي لاءِ پاڪستان آئي آهي.
واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب 17 مارچ تي ملتوي ڪيل پاڪستان سپر ليگ فائيو جون رهيل ميچون 14 نومبر کان ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن.
پي ايس ايل جا پلي آف ۽ فائنل 14، 15 ۽ 17 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندا، جنهن لاءِ پرڏيهي ڪرڪيٽر به پاڪستان پهچي رهيا آهن.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ پي ايس ايل 2020 ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔