ايمان علي جي شوبز ۾ واپسي، تڪميل هيٺ منصوبا مڪمل ڪندي

ڪراچي: اداڪاره ۽ ماڊل ايمان علي شوبز ۾ واپسي جو فيصلو ڪندي تڪميل هيٺ منصوبا مڪمل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب شادي کانپوءِ شوبز انڊسٽري کان پري ٿي ويل اداڪاره ۽ ماڊل ايمان علي واپسي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هوءَ سندس اڌ ۾ ڇڏيل منصوبن کي مڪمل ڪندي ۽ هڪ اسڪرپٽ به لکي رکيو آهي جنهن کي عملي جامو پارائڻو آهي.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عورتن جو فلم سازي جي ميدان ۾ اچڻ سٺي ڳالهه آهي، ان سان پرڏيهه ۾ پاڪستان جو تاثر سٺو ويندو، منهنجي ڪوشش هوندي ته موضوعاتي فلمون ٺاهي پنهنجا مسئلا اسڪرين ذريعي پيش ڪريان، پاڪستان جي پروڊڪشن ادارن کي گهرجي ته هو عورتن جي حوصلا افزائي ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔