ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪريو، دل کي صحتمند رکو، عالمي ماهرن جي اپيل

جرمني: يورپي هارٿ جرنل ۾ دنيا جي مشهور سائنسدانن جو هڪ خط شايع ٿيو آهي جنهن ۾ زور ڏئي چيو ويو آهي ته هاڻ عمل جو وقت اچي ويو آهي ته هر قسم جي آلودگي خاص طور تي فضائي آلودگي کي گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن جي دل کي صحتمند رکيو وڃي.جرمني، فرانس، يورپ، برطانيه ۽ ٻين ملڪن جي سائنسدانن پنهنجي رپورٽ ۾ ناقابل يقين شاهديون پيش ڪيون آهن ۽ چيو آهي ته گوڙ ۽ فضائي آلودگي سڄي دنيا ۾ هر جڳهه تي موجود آهي ۽ دل جي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.ان کان اڳ ڪيل تحقيق ٻڌائي ٿي ته سڄي دنيا ۾ فضائي آلودگي وقت کان اڳ 90 لک فوتگين جو سبب بڻجي رهي آهي جيڪا تمباڪو نوشي جهڙي خطرناڪ آهي ان کان علاوه صوتي آلودگي ۽ گوڙ سان دماغي ۽ جسماني بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. هن وقت دنيا جي 90 سيڪڙو ابادي صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي تحت ماحولياتي الودگي ۾ رهي رهي آهي.فضا ۾ هن آلودگي جي شرح 10 مائيڪرو گرام في مربع ميٽر آهي جيڪا صحت جي لاءِ خوفناڪ ۽ خطرناڪ آهي. هن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته يورپ ۾ اها شرح 25 مائيڪرو گرام في مربع ميٽر آهي جيڪا عالمي اداري جي حدن کان به اڍائي سيڪڙو وڌيڪ آهي. جيڪڏهن ان تي قابو ڪيو وڃي ته صرف يورپ ۾ ئي هر سال چار کان پنج لک ماڻهن کي مرڻ کان بچائي سگهجي ٿو.پر ترقي يافته ۽ غريب ملڪن ۾ فضائي آلودگي نهايت گهمبير ۽ تباهه ڪن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔