سمارٽ فون جي بئٽري بچائڻ جا سولا طريقا..

ڪراچي: دنيا ۾ اربين ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن پر اڪثر ماڻهن جي شڪايت هوندي آهي ته سندن موبائيل فون جي بيٽري وڌيڪ دير نٿي هلي. ماهرن هاڻي ڪجهه طريقا ٻڌايا آهن جن جي مدد سان اوهان بيٽري کي بهتر بڻائي سگهو ٿا. اسڪرين جو استعمال: اسمارٽ فون ۾ سڀ کان وڌيڪ توانائي ان جي اسڪرين استعمال ڪري ٿي ان لاءِ ان جي روشني گهٽ رکڻ گهرجي. بيٽري پيئڻ وارا اشتهار: اڪثر ايپس اشتهارن تي ڀاڙين ٿيون ۽ اهي اشتهار اوهان جي بيٽري لاءِ هاڃيڪار آهن ان لاءِ اوهان کي گهرجي ته اشتهارن کي بند ڪريو يا اهي ايپس استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏيو.
ڊائون لوڊ ڪري موسيقي ٻڌو: صارفين جي اها عادت هوندي آهي ته هو آن لائن گانا ٻڌندا آهن پر جيڪڏهن بيٽري بچائڻ آهي انهن کي اڳ واٽ ڊائون لوڊ ڪري رکجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔