نجي بئنڪ تي غلط الزام وارو ڪيس: اينڪرپرسن مبشر لقمان تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي: عدالت نجي بينڪ تي غلط الزام لڳائڻ وار ي ڪيس ۾ اينڪر پرسن مبشر لقمان ۽ صعنتڪار عقيل ڪريم ڍيڍي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارن ٽي وي ٽاڪ شو دوران نجي بينڪ خلاف غلط پروپئگنڊا ڪئي هئي. ڪراچي سٽي ڪورٽ نجي بينڪ تي الزام لڳائڻ واري ڪيس ۾ اينڪر پرسن مبشر لقمان ۽ ناليواري صنعتڪار عقيل ڪريم ڍيڍي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. ٻنهي جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڪيس ۾ نامزد سينئر صحافي رانا عظيم کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔