آمريڪي چونڊن ۾ ٽرمپ ۽ جوبائيڊن وچ ۾ سخت مقابلو، ووٽن جي ڳڻپ جاري، اسان جي ڪاميابي واضح آهي،جوبائيڊن

ڪراچي : امريڪي چونڊن ۾ ٽرمپ ۽ جوبائيڊن وچ ۾ سخت مقابلو، ووٽن جي ڳڻپ جاري، چونڊن ۾ اهميت رکندڙ رياستن پنسلوينيا، ايري زونا، جارجيا ۽ نيواڊا ۾ جوبائيڊن اڳتي، ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن رڳو پنسلوينيا ۾ ئي کٽي ورتو ته وائيٽ هائوس پهچي ويندو، فاڪس نيوز موجب جوبائيڊن هينئر تائين 264 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري چڪو آهي،نيويارڪ ٽائمز،واشنگٽن پوسٽ ۽ سي اين اين موجب جوبائيڊن جي اليڪٽورل ووٽن جو انگ 253 آهي، فاڪس نيوز ايري زونا ۾ بائيڊن کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو، امريڪي صدر بڻجڻ لاءِ 270 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنل آهن، ٻئي پاسي آمريڪي اميدوار جوبائيڊن چيو آهي ته اسان جي ڪاميابي واضح آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن اميدوار کي 74 ملين ووٽ مليا آهن، صدارتي ريس کٽي رهيو آهيان، بس نتيجن جو انتظار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔