عوام ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نه مسئلن جي حل لاءِ ووٽ ڏيندو آهي: خورشيد شاهه

سکر: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر خورشيد شاهه چيو آهي ته عوام ووٽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نه پر پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ ووٽ ڏيندو آهي.

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جيڪي  مهانگائي تي ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين اهي سمجهو ملڪ سان سچا نه آهن.

هن چيو ته ڪرپشن جا الزام ڊرامو آهن. الزام عوام جي سامهون جواب ڏيڻ کان بچڻ جي ڪوشش آهي. پر عوام ووٽ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ نه پر مسئلن جي حل لاءِ ڏيندي آهي. هن چيو ته ننڍپڻ ۾ مهانگائي جون جيڪي ڪهاڻيون ٻڌندا هئاسين اهي هاڻ سامهون اچي رهيون آهن.

عمران خان حقيقت کي محسوس ڪري ته عوام ووٽ ڇو ڏيندي آهي. آمريڪي چونڊن تي ڳالهيون ڪندي خورشيد شاهه چيوته جوبائيڊن جي ڪاميابي سان خطي ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي ٽرمپ جي ڪري آمريڪا ۾ اها تبديلي آئي آهي جو ماڻهو ڪهاڙيون ۽ بندوقون کڻي روڊن تي نڪري آيا آهن.

ٻئي طرف احتساب عدالت خورشيد شاهه جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔