وزيراعظم عمران خان اڄ حافظ آباد ۾ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ حافظ آباد ۾ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکندو. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان اڄ پنجاب جي علائقي حافظ آباد روانو ٿيندو جتي هو حافظ آباد يونيورسٽي جي پيڙهه جي پٿر کان علاوه جديد سهوليتن تي ٻڌل اسپتال جي تعمير جو اعلان به ڪندو.

وزيراعظم عمران خان حافظ آباد ۾ حنيف محمد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جلسي کي خطاب پڻ ڪندو. حافظ آباد ۾ وزيراعظم جي لاءِ هيلي پيڊ به تيار ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم سان پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار کان علاوه وفاقي وزير پڻ گڏ هوندا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته ملڪ جا سمورا وڏا ڦورو گڏ ٿي ويا آهن پر انهن کي اين آر او نه ملندو. هنن کي خبر آهي ته عمران خان اسان کي ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔