فِڪر اقبال تي وائيس آف سنڌ جي پيشڪش ستارون سي آگي ريليز

ڪراچي: اقبال جو فڪر ۽ هاڻوڪي مسئلن تي ٻڌل مزاحيا شارٽ فلم ستارون سي آگي جي شوٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فلم اقبال ڊي جي موقعي تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ريليز ڪئي وئي .

تفصيل موجوب وائيس آف سنڌ جي بينر هيٺ ٺهندڙ اها فلم ڊاڪٽر عمير هارون جي پيشڪش آهي.

هن منفرد شارٽ فلم ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ شاعر مشرق علاما اقبال جي ڳالهه ٻولهه پيش ڪئي وئي آهي . عثمان بزدار، جاويد ميان داد، فردوس عاشق اعوان ۽ نوجوان شاعره جو ڪردار به فلم جو حصو آهي .

علاما اقبال جو مرڪزي ڪردار ڊاڪٽر عمير هارون ادا ڪيو ،فلم ۾ ناليوارو اداڪار شارق محمود، سيد عاطف، فائزه قريشي ۽ نبيلا اعجاز پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي .

اقبال خورشيد جي ان اسڪرپٽ کي اساما چوڌري پروڊيوس ڪيو ، مهروز احمد ۽ ارباز خان هدايتڪاري جا فرض ادا ڪيا، سائونڊ انجنئر شجاعت لياقت، ايڊيٽنگ مهروز احمد ۽ شجاعت لياقت ڪئي ،عڪاسي دانش شيخ جي آهي .

ناليواري ميڪ اپ آرٽسٽ برهان اداڪارن جو ميڪ اپ ۽ گيٽ اپ ڪيو ، ثمينا سندس مددگار هئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔