ڪورونا وڌڻ جو خدشو، سنڌ حڪومت پاران گاڏي ۾ ٻن کان وڌيڪ ماڻهن جي سواري تي پابندي

ڪراچي: سنڌ حڪومت عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا جي ڪيسز ۾ واڌ سبب گاڏي ۾ ٻن کان وڌيڪ ماڻهن  جي سفر تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي .

صوبائي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عوامي ماڳن تي ماسڪ لڳائڻ لازمي هوندو ، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ورڪ پليسز ،فيڪٽريز، دڪانن ۽ ريسٽورينٽس تي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ انتظاميا جي ذميواري هوندي.

صوبائي گهرو وزارت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن هيٺ گاڏي ۾ ٻن کان وڌيڪ ماڻهن جي سفر ڪرڻ تي پابندي هوندي پر سار سنڀال رکندڙ ٽيون شخص سفر ڪري سگهي ٿو سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اي ٽي ايم مشين استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ سيني ٽائزر جو استعمال لازمي ڪيو وڃي.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آفيسن ۾ عملي کي گهرائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ، گهڻي ڀاڱي ماڻهن کان آن لائن ڪم ورتو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔