پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 20 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 20 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 6 هزار 943 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا هڪ هزار 502 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 3 لک 41 هزار 753 تائين پهچي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جا 3 لک 17 هزار 898 مريض صحتياب ٿي ويا آهن ۽ 18 هزار 912 علاج هيٺ آهن.

اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 21 هزار 302 ٿي ويو آهي. پنجاب هڪ لک 6 هزار 208، سنڌ ۾ هڪ لک 48 هزار، 922، خيبرپختونخواهه ۾ 40 هزار 285، بلوچستان ۾ 16 هزار 41، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 343 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 4 هزار 652 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 399 ۽ سنڌ ۾ 2 هزار 667 فوتگيون رپورٽ ٿي  چڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ فوتين جو انگ هڪ هزار 288، اسلام آباد ۾ 236، بلوچستان ۾ 153، گلگت بلتستان ۾ 93 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 107 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔